قاضي نظر محمد

قاضي نظر محمد : قاضي نظر محمد ديهاتي، ساهتي پرڳڻي جو هڪ بلند پايي جو عالم، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. مولانا حڪيم حاجي قاضي نظر محمد ولد حڪيم حاجي عبدالرحمان 25 ربيع الاول 1304هه/ 22 ڊسمبر 1886ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ديهات (موجوده تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بزرگوار قاضي ميان عبدالرحمان (وفات 16 جولاءِ 1908ع) زهد، قناعت ۽ توڪل ۾ يگانه روزگار هو. هو عالم باعمل هو. سندس مدرسو علم ۽ معرفت، حڪمت ۽ سلوڪ جو چشمو هو. طالب علم سندس مدرسي ۾ اچي ديني علم حاصل ڪندا هئا. قاضي نظر محمد پنهنجي والد جي هٿ هيٺ ابتدائي سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتي ۽ ٿوري وقت ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتو. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت محبت ديري سيال ۽ سيٺارجن ۾ پڙهيو. ان کان پوءِ عربي ۽ ديني تعليم ٽنڊي سائينداد جي مدرسة دارالارشاد ۾ ورتائين، جتي صرف ۽ نحو جا ڪتاب شاهه آغا (عبدالله جان سرهنديءَ) وٽ پڙهيو. مولوي نظر محمد ديني علمن جي وڌيڪ تڪميل لاءِ دهليءَ ۾ مولانا عبدالرب جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. اتي علم طب ۾ به چڱو تجربو حاصل ڪيائين. دهليءَ مان موٽڻ بعد اچي ٽنڊي سائينداد جي مدرسي دارالارشاد ۾ رهيو، جتان مولوي خير محمد مگسيءَ کان علم جي تحصيل ڪيائين.مولانا نظر محمد، ظاهري علمن جي تحصيل بعد سلوڪ جي طرف متوجهه ٿيو. ننڍيءَ عمر ۾ مولانا عبدالرحمان جان سرهندي ٽکڙ واري جي هٿ تي بيعت ڪيائين. جوانيءَ ۾ خواجه محمد حسن جان سرهنديءَ ٽنڊي سائينداد واري جي هٿ تي بيعت ڪيائين، جنهن سندس ذهني ڪايا پلٽي ڇڏي. هو عبادت ۽ ذڪر الاهيءَ ۾ ايترو مشغول رهندو هو، جو ڄڻ جيئري ئي دنيا کي تياڳ ڏئي ڇڏيو هئائين. زهد ۽ عبادت الاهيءَ سان گڏ ديني تعليم ۽ اسلام جي خدمت بجا آڻڻ لاءِ زندگيءَ جو معمول بنايائين. مولوي صاحب کي پنهنجي مرشد سان تمام گهڻي عقيدت هئي. قاضي فنا في الشيخ جي منزل تي پهچي چڪو هو. رمضان جي مهيني ۾ هڪڙي سال قرآن پاڪ جو ختمو پنهنجي ڳوٺ واري مسجد ۾ پورو ڪندو هو ته ٻئي سال ختمو ٽنڊي سائينداد ۾ مرشد جي خدمت ۾ ڪڍڻ پنهنجي لاءِ سعادت سمجهندو هو. مولوي صاحب بحث مباحثي ۽ مناظري جو ڪوڏيو هوندو هو. بدعتي ڪم وڃي بند ڪرائيندو هو. اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت ۾ ڏاڍيون تڪليفون سٺائين. ساهتيءَ م ڪيترا آريا سماجي سهيوڳي شيخن کي ٻيهر هندو ڌرم ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪندا هئا، ته مولوي صاحب کين مناظري ۾ شڪست ڏئي کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو هو. مولوي نظر محمد سخي دل انسان هو. سندس دسترخوان غريب ۽ امير لاءِ کليل هوندو هو. مولوي صاحب پنهنجي ڳوٺ ’ديهات‘ ۾ مدرستو قائم ڪيو هو، جتي خود درس تدريس جو ڪم ڪندو هو، اهو مدرسو اڄ تائين اتي قائم آهي. مولوي صاحب جون ڪيتريون تصنيفون شايع ٿيل آهن، جهڙوڪ: (1)مجموعه نظم ديهاتي (سنڌي ڪلام ۽ خطبن جو ڪتاب) (2) انوار الاحمديه في حالات المشائخ نقشبنديه (ٽن جلدن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ رسول ڪريم، خلفه راشدين ۽ نقشبندي سلسلي جي اوائلي بزرگن جو تذڪرو) (3)احسن التقرير في جواب التحرير (تفسير تنوير ايمان مصنف: مولانا محمد عثمان نور نگزاده جي ڪن اعتراضن جا جواب) (4) دارالمنظوم في تذڪرة المخدوم (مخدوم صاحب جي سوانح ۽ مناقب کان سواءِ ڪن بزرگن جا حالات) (5) تحفة قاديان (تحقيقي سوال جواب) (6) رساله ابتدا سلوڪ (خواجه حسن جان جي فارسي رسالي جو سنڌي ترجمو) مولانا قاضي نظر محمد، 41 ورهين جي ڄمار ۾ 9 جمادي الثاني 1345هه/ 14 ڊسمبر 1926ع تي وفات ڪئي ۽ ديهات ۾ والد جي پهلو ۾ مدفون آهي.


لفظ قاضي نظر محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1886.12.22  عيسوي

مولانا حڪيم حاجي قاضي نظر محمد ولد حڪيم حاجي عبدالرحمان 25 ربيع الاول 1304هه/ 22 ڊسمبر 1886ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ديهات (موجوده تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز) ۾ پيدا ٿيو.


1929.12.14  عيسوي

مولانا قاضي نظر محمد، 41 ورهين جي ڄمار ۾ 9 جمادي الثاني 1345هه/ 14 ڊسمبر 1926ع تي وفات ڪئي ۽ ديهات ۾ والد جي پهلو ۾ مدفون آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقادر بلو
عالم خان گوپانگ
پير احسان الله شاهه راشدي
ٽهلراماڻي آنند
حافظ غلام محمد ڏاهري ڊاڪٽر
شاهه عبدالله بن عبدالعزيز
بکر فقير
پوراني ميرڪ سيد محمد
شهمير شاهه شهيد سيد
آفندي حسن علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون